سکر ۾ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب مٽي کڻندڙ مافيا سرگرم، ايڪسيئين نوٽيس ورتو، ٻه ڄڻن خلاف ڪيس داخل

news

سکر: سکر۾ سنڌو درياء ۾ نوتال کانپوء پاڻي گهٽجڻ سبب مٽي کڻندڙ مافيا سرگرم ٿي وئي. ايڪسيئين نوٽيس وٺندي 2ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. سنڌو درياء ۾ نوتال جي ڏينهن سبب پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آھي.

پاڻي جي سطح گهٽجڻ کانپوء مٽي کڻندڙ مافيا سرگرم ٿي وئي آھي. سکر بئراج جي کاٻي بندروال واري پاسي ڏانهن غير قانوني طور مٽي کنئي پئي وڃي. غير قانوني طور مٽي کڻندي سنڌو درياء جي سيفٽي وال کي به ٽوڙيو ويو آھي.

ٽريڪٽر ٽرالين وسيلي مٽي زير تعمير سوسائٽي کي وڪرو ڪئي پئي وڃي. بي ترتيبي ۽ بي احتياطي سان جاري مٽي چوري سان سنڌو درياء جي حفاظتي بندن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آھي. 

سکر بئراج جي اسسٽنٽ ايگزيڪٽو انجنيئر نوٽيس وٺندي ملوث 2 ڄڻن متين خان ۽ سيد محمد شاھ خلاف قدم کنيو آھي.

روهڙي ٿاڻي تي گناھ نمبر 08/2020 تحت اسسٽنٽ ايگزيڪٽو انجنيئر جي فرياد تي متين خان ۽ سيد محمد شاھ تي ايف آء آر داخل ڪئي وئي آھي.