ڊکڻ ۾ هٿياربندن چئن پورهيت کي يرغمال بڻائي لوڊر رڪشو ڦري فرار، پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڍور ڍڪ حوالي

news

ڊکڻ )رپورٽ: ياسين ڌاريجو)  ڊکڻ ٿاڻي جي حد سئي گئس لاڙي وٽان نامعلوم هٿياربندن ڊرائيور دودو راهوجو  سميت 4ڄڻن  علي ڏنو، سڪندر ، محمد نواز کي يرغمال بڻائي هٿ پير ٻڌي پلال ۾ اڇلائي لوڊر رڪشا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ،

پوليس اطلاع تي ڊکڻ  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کڻايا جيڪي ڳوٺ پيرل ڏهاڻي جي ٻاهران گم ٿي ويا، جتان  ڊکڻ  پوليس گهر گهر تلاشي ورتي ڀڃ ڊاهه ڪئي 15  مينهون 5 ٻڪريون ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيون  آهن.

هوڏانهن  عورت نظيره خاتون پريس ڪلب ڊکڻ پهچي پوٽي بابر سميت ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته  ڊکڻ پوليس بلا جواز  گهرن ۾ گهڙي گهر گهر تلاشي ورتي ڀڃ ڊاهه ڪري ، اسان جو چوپايو مال ڪاهي کڻي وئي آهي ، ڊکڻ پوليس اسان سان ظلم ڪيو آهي.

ڊکڻ پوليس  جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ، هن ايس ايس پي شڪارپور رضوان احمد ڊي آء جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي ڊکڻ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري مال واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

هو ڏانهن ڊکڻ پوليس جو چوڻ آهي ته چنگچي لوڊر ڦر ٿي  ويو آهي،  پيرل ڏهاڻي جي ڳوٺ ۾ پيرا لڳا آهن وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.