بدين جي قديم تاريخي عيد گاهه انتظامي بي ڌياني سبب اجڙي وئي، رهواسي پريشان

news

بدين: بدين شهر جي وچ ۾ پير عالي شاه ڪوٽ ڀرسان پاڪستان ٺهڻ کان به پهرين قائم قديمي ۽ تاريخي عيد گاهه جيڪا هندستان ۽ پاڪستان جي مشهور درگاهه شاهه قادري جيلاني جي سجاده نشين پير عالي شاه جيلاني پاران سنڌ ذاتي ملڪيت هڪ ايڪڙ کان مٿي ايراضي تي قائم وئي آهي ميونسپل ڪميٽي بدين جي نااهلي سبب اجڙي وئي آهي.

قديمي عيد گاهه جنهن ۾ هڪ ئي وقت 5 هزار کان مٿي نمازي عيد نماز پڙهي سگهن ٿا ۾ گذريل ٻن سالن کان وٺي گٽرن جي پاڻي ۾ گهيريل آهي جڏهن عيد گاهه جي مين دورازي سامهون پڻ گندگي جا ڍير آهن جنهن سبب عيد گاهه ڀرسان رهندڙ مختلف پاڙن ترڪ پاڙو انڙ پاڙو شيدي پاڙو خاصخيلي پاڙو ڪنڀار پاڙو خاصخيلي پاڙو کان علاوه درگاه شاه قادري جيلاني جي سوين مريد شهر جي ٻين پاڙن ۾ موجود عيد گاهن ۽ مسجدن ۾ عيد الفطر ۽ عيد العضيٰ جون نمازون ادا ڪرڻ تي مجبور آهن.

ان سلسلي ۾ شهرين جهانزيب ترڪ آڪاش صادق منڌرو سلطان شيخ اصغر چانگ محمود کوکر ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ميونسپل ڪميٽي پاران عيد گاهه ڀرسان موجود گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ موجود نالين جي صفائي  توڙي مرمت نه ڪرڻ سبب عيدگاهه ۾ گٽرن جو پاڻي تلاءُ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.

جڏهن ته گٽرن جي پاڻي بيهڻ سبب عيدگاهه ۾ بيٺل وڻ ۽ ڇٻر پڻ سڙي وئي آهي هنن مطالبو ڪيو بدين جي قديمي عيدگاهه مان گٽرن جو پاڻي ڪڍرائي قديمي عيدگاه کي بچايو وڃي.