نوابشاه: پ پ شهيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن خلاف احتجاجي مظاهرو

news

نوابشاهه: نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران پ پ شهيد ڀٽو نوابشاهه پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس شهيد ساٿين جي قتل ڪيس واري فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

انهي موقعي تي ضلعي صدر اڪبر سوڍر، نجيب چانڊيو ۽ انور عباسي ۽ ٻين ڪارڪنن قاتلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي هنن چيو ته  شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ قانون ۽ انصاف جو قتل آهي .

اعليٰ عدالتن جي ملڪ ۾ ٻين جا ڪيس هلائڻ ۽ وقار لاءِ سو موٽو ايڪشن کنيو وڃي ٿو ليڪن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ڪيس تي ڪو به ايڪشن نٿو کنيو وڃي.

هنن پاڪستان جي حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف ڪيو وڃي.