نوابشاه: مانجهي فقير جي ڳوٺ ٻرهون ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف صوفي راڳ احتجاج

news

نوابشاهه: مانجهي فقير جي ڳوٺ ٻرهون ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف مانجهائي جماعت جي اڳواڻن پاران فقير گل خان جمالي، فقير منير احمد شر، شاهه محمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران هٿن ۾ سنگ کڻي صوفي ڪلام ڳائي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

انهيءَ موقعي تي مانجهي فقير جي فقيرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پوري سنڌ مانجهي فقير جي ڳوٺ جي بنيادي سهولتن لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهيون ليڪن حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نٿي چُري،

هنن چيو ته مانجهي فقير جي ڳوٺ ٻرهون ۾ نه اسڪول آهي نه اسپتال آهي ۽ نه ئي وري اچ وڃ لاءِ سواري جو بندوبست آهي جنهن جي ڪري اتان جا رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن،

هنن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ليڪن ان ئي ڌرتي تي رهندڙ صوفي بنيادي سهولتن کان محروم آهن ۽ هتان جا حڪمران انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي ويا آهن،

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مانجهي فقير جي ڳوٺ ٻرهون کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.