نوابشاهه: معذورن پاران معذور ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف احتجاج

news

نوابشاهه: معذورن پاران ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ خلاف نوابشاهه جي معذورن پاران نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو.

انهي موقعي تي معذورن رياض خان دُراني، زين العابدين گبول، مظفر جمالي، عبدالڪريم چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پنج سيڪڙو معذور ڪوٽا تي عمل نٿو ڪيو وڃي.

انهي تي عمل ڪيو وڃي معذورن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن يونيورسٽيز، انجنيئرنگ، ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ معذورن جي في معاف ڪري فري ايجوڪيشن ڏني وڃي.