فيصل واوڊا جي نااهلي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

news

لاهور: (سومر 20 جنوري 2020ع) وفاقي وزير فيصل واوڊا جي نااهلي جي لاءِ  لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي. چيف جسٽس مامون الرشيد شيخ قومي امن ترقي پارٽي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ فيصل واوڊا کي ڌر بڻايو ويو آهي.

درخواست ڏيندڙ موجب فيصل واوڊا لائيو شو ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن)  مٿان بوٽ پالش ڪرڻ ۽ چٽڻ جا سنگين الزام لاڳو ڪيا آهن. هن جو چوڻ آهي ته ميمو گيٽ ۾ حسين حقاني ۽ ڊان ليڪس جي ڏوهارين  کي سزا ڏني وڃي ها ته فيصل واوڊا گيٽ واقعو پيش نه اچي ها.

فيصل واوڊا پاڪستان جي اعليٰ جمهوري ۽ دفاعي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي. هن موقف اختيار ڪيو آهي ته فيصل واوڊا آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت پارليامينٽ ۽ ڪابينه جو حصو نٿو رهي سگهي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جو حڪم ڏئي.

درخواست ڏيندڙ جو چوڻ آهي ته عدالت فيصل واوڊا جي اسڪينڊل جي جاچ جي لاءِ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ جو حڪم ڏئي.