ڪولهي لبوشين جو حيران ڪندڙ ڪيچ ڪري پويلين ڏانهن اماڻي ڇڏيو

news

نئين دهلي: (سومر 20 جنوري 2020ع) ٽئين ون ڊي ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪولهي سپرمين ڪيچ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

آسٽريلوي اننگز جي 32هين اوور ۾ ڪوهلي مارنس لبويشن جو ڪيچ سپرمين جيان هوا ۾ تقريبن اڏامندي هڪ هٿ سان پڪڙي ورتو.

ان جي ان شاندار فيلڊنگ تي ڪامياب بالر رويندرا جڊيجا خوشي سان کيس مٿي کڻي ورتو. جڏهن ته ڪولهي ڊريسنگ روم ۾ موجود فيلڊنگ ڪوچ آرسري دهر طرف اشارو ڪري ڪيچ جهلڻ جو داد ورتو.

ياد رهي ته ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي فيلڊنگ ۾ ان کان اڳ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.