ٽن موبائل گيمن جو استعمال اوهان جي يادداشت ۽ فڪري لچڪ کي وڌائي سگهي ٿو

news

ڪيليفورنيا: (سومر 20 جنوري 2020ع) 3 ڊجيٽل گيم اهڙا آهن جيڪي ٻارن ۽ وڏن جي يادداشت، سوچڻ جي طاقت ۽ ڪنهن ڪم تي ارتڪاز يعني فوڪس کي وڌائي سگهن ٿا.

سٺي ڳالهه اها آهي ته سائنسدانن ان گيمز جي فائدي جا سائنسي ثبوت به فراهم ڪيا آهن. هي سمورا گيم گوگل پلي اسٽور ۽ ايپل فون جي لاءِ به بالڪل مفت ۾ ملي سگهن ٿا. گيم سازي ۾ دماغي ماهرين کي بطور خاص شامل ڪيو ويو آهي ۽ ٽئي گيمز يادداشت بهتر ڪري سگهن ٿا.

ڪم تي ڌيان کي بهتر  بنائين ٿا ۽ سوچڻ جي عمل ۾ دماغي لچڪ کي به سڪون ڏين ٿا. هي ٽئي گيمز ڪيترن ئي سالن جي تحقيق کان پوءِ ٺاهيا ويا آهن جنهن کي نيويارڪ يونيورسٽي ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي پروفيسر ڊيزائن ڪيو آهي.

سائنسدانن جو تيار ڪيل هي گم ڌيان، رويي، خيالن يا جذبات ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. گيم ۾ ايواڪيڊو فروٽ کي مختلف ٽوپيون پهريندي ڏسي سگهجي ٿو.  ڪنهن کي سخت ٽوپي پاتل آهي ته ٻيو ڪنڊيدار هيلمنٽ سان گڏ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان گيم ۾ فروٽ ننجا گيم جيان ڪجهه فروٽ کي ٽوڙڻو هوندو آهي ۽ ٽوپي وارن فروٽن کي ڇڏڻو پوندو آهي.

ڪجهه فروٽ سخت، ڪنڊيدار يا پوءِ بجلي واري ٽوپي پاتل هوندا آهن. گيم اڳيان وڌڻ تي ايواڪيڊو جو انگ وڌندو ويندو آهي ۽ ان کي مارڻ جي رفتار به وڌي ٿي. ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي سائنسدان پروفيسر رچرڊ مائر چوي ٿو ته 2 ڪلاڪ هي گيم کيڏڻ سان دماغي صلاحيت بهترين ٿي سگهي ٿي.

ٽيم موجب سائنسي طور تي ان گيم جا فائدا به سامهون اچي چڪا آهن. ٻئي مرحلي ۾ ان جي فائدي بابت هڪ ڪتاب به لکي پئي وڃي جنهن کي ايم آءِ ٽي پريس ڇاپڻ جو اعلان ڪيو آهي.