ٽنڊوڄام پوليس جي ڪارروائي، هڪ ڄڻو گرفتار، چرس ھٿ ڪرڻ جي دعوى، ڪيس داخل

news

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام پوليس جي ڪاروائي، چرس جو مشھور واپاري گرفتار، ھڪ ڪلو گرام کان وڌيڪ چرس ھٿ ڪرڻ جي دعوى. ڪيس داخل

خبر موجب ٽنڊوڄام پوليس گشت دوران ٽنڊوڄام لڳ مريد سپيو لنڪ روڊ تي ڪاروائي ڪندي ھڪ ڄڻي نصير عرف ڪنلو خاصخيلي کي گرفتار ڪري وٽائنس ھڪ ڪلو گرام کان وڌيڪ چرس ھٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آھي.

پوليس گرفتار جوابدار خلاف نائن سي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي. پوليس موجب گرفتار ڪيل نصير عرف ڪنلو خاصخيلي چرس جو مشھور واپاري آھي.