ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ ڇهه مهينن کان سياسي ڇڪتاڻ بعد اجلاس، ناراض ڪائونسلرن شرڪت نه ڪئي

news

ٽنڊوڄام: ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ مسلسل 6 مهينن تائين سياسي ڇڪتاڻ بعد  ميونسپل ڪميٽي جو اجلاس. سالياني بجيٽ منظو.ر پيپلز پارٽي جي ناراض ڇهن ڪائونسلرن شرڪت نه ڪئي.

خبر موجب ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي چيئرمين مير خان محمد ٽالپر جي صدارت هيٺ ميونسپل ڪميٽي جو بجيٽ اجلاس ڪوٺايو ويو.

اجلاس ۾ وائيس چيئرمين لياقت ڪليري سميت پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ٽي آءِ جي ڪائونسلرن شرڪت ڪئي. جڏهن ته اجلاس ۾ 26 ڪروڙ 40 لک 1427 روپين واري ٽئڪس فري بجيٽ متفقه طور منظور ڪئي ويئي، جنهن ۾ 4 ڪروڙ 90 لک روپيا ترقياتي ڪم لاء مختص ڪيا ويا آهن.

اجلاس ۾ سي ايم او طرفان صفائي جو ٺيڪو رد ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏيندي، ڪائونسل ٺيڪو بحال ڪري ڇڏيو، جنهن بعد چيئرمين طرفان صفائي جي ٺيڪيدار کي گهرائي هنگامي بنيادن تي شهر ۾ صفائي جو ڪم شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.

جڏهن ته بجيٽ اجلاس ۾  پيپلز پارٽي جي ناراض 6 ڪائونسلرن شرڪت ئي نه ڪئي. واضح رهي ته چيئرمين، ۽ پيپلز پارٽي جي ڇهن ڪائونسلرن وچ ۾ اختلافن سبب مسلسل 6 مهينن کان ميونسپل ڪميٽي جو بجيٽ اجلاس نه ٿي سگهيو هو.