قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي آمريڪي شھر ھيوسٽن ۾ آجياڻو ڏنو ويو

news

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي آمريڪي شھر ھيوسٽن ۾ آجياڻو ڏنو ويو۔ ان موقعي تي ھن خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ويٺل سنڌي ماڻهو آزاد سماجن ۾ رهن ٿا پر سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو الزام هڻي معصوم نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون.

ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. 70/80 سيڪڙو تعليم تباهه ڪئي وئي آهي. حڪومت ۽ استاد خودمختيار آهن ته اهي ڊيوٽي ڪن يا نه ڪن، سفارشي ڀرتيون آهن، نصاب ۾ سائنس ۽ تاريخ ناهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي آبادي جو وڏو حصو ايڇ آء وي، هيپاٽائٽس ۾ مبتلا آهي. رڳو لاڙڪاڻو نه پر حيدرآباد جو ٻهراڙي تعلقو به ايڇ آء وي، هيپاٽائٽس، ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي ور چڙهي ويو آهي. ڊرينيج جو گندو پاڻي پيئڻ جي پاڻي جي لائينن ۾ شامل آهي.

آمريڪا، ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ائين هجي ته اتي جي ماڻهن جو هانو ڦاٽي پئي. اياز لطيف پليجي چيو ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به ڪرپشن آهي پر سنڌ ۾ سئو سيڪڙو ڪرپشن آهي. ڪراچي ۾ ويٺل ڀائر ڪڏهن ڌار صوبو ته ڪڏهن ٻيون نفرت جون ڳالهيون ڪن ٿا.

اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ ويٺل نوجوان سي ايس ايس ذريعي تعليم جي ميدان ۾ مقابلي لاء اچي رهيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو ته سانا، شاهه لطيف انسٽيٽيوٽ، سنڌي ورلڊ آرگنائيزيشن سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۾ اسپيس وٺن، اهي ڪيريئر ڪائونسلنگ، اسڪالرشپ ۽ ٻين ڳالهين ۾ سنڌي نوجوانن کي ٽريننگ ڏين. ٻاهر ويٺل سنڌي سنڌ ۾ ايڇ آء وي ۽ هيپاٽائٽس جي اسڪريننگ ڪرائين.

اياز لطيف پليجي چيو ته ٻاھر ويٺل سنڌي پنهنجن ٻار کي رومن سنڌي پڙهائين. ٻولي جي بچاء ۽ سائنس جي جنگ وڙهن. ٻارن کي جنسي تشدد کان بچاء کان آگاهه ڪن. ننڍي عمر جي شادي، زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ڳالهايو. اياز لطيف پليجي چيو ته اوورسيز تنظيمون ڪرپشن تي ڳالهائين.

ذاتي تعلقاتن جي ڪري خاموش نه ويهو. ڪرپٽ ماڻهو سنڌين جا دشمن آهن. سنڌين کي هيومن رائيٽس لاء وڙهڻ سيکاريو، ان لاء ننڍڙا بڪ ليٽ ڇپرايا وڃن. سنڌي نوجوان وفاقي نوڪرين لاء اسلام آباد ۽ لاهور وڃن.