ٽنڊو محمد خان شھري اتحاد پاران يونيو ورسٽي جي قيام لاء اجلاس

news

ٽنڊو محمد خان:  سنڌ سرڪار پنھنجي اعلانيل تعليمــي ايمرجنسي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ لاڙ سنڌ جي گيٽ وي ٽنڊو محمد خان کي انجنيئرنگ يونيورسٽي ڏيڻ جو اعلان ڪري اهڙو اظھار شھري اتحاد جي صدر نورحسن کوکر پنھنجي آفيس ۾ گھرايل هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو،

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ڪرسي سنڀالڻ وقت جيڪو تعليمي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو هو جنھن کي سنجيدگي سان عملي جامو پارائڻ لاءِ سنڌ جي وڏي آبادي تي مشتمل لاڙ خطي کي هڪ انجنيئرنگ مادر علمي ڏني وڃي ها، پر ائين نه ٿيو.

هن وڌيڪ چيو ته  اڄ اسان جي هن جدوجھ ۾ لاڙ سنڌ جي ضلعن جا تعليم دوست اڳواڻ گڏ آهن. هن شھري اتحاد جي سٿ ۾ شامل تمام ڌرين پاران سنڌ حڪومت کان ٽنڊو محمد خان ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽي جو مطالبو ڪندي انھي سلسلي ۾ ايندڙ بجٽ اندر رقم مخصوص  ڪئي وڃي.

جڏهن ته يونيورسٽي جي قيام لاءِ گھرايل هنگامي اجلاس ۾ الطاف حسين ڪولاچي، علي بخش سومرو،آصف علي چانڊيو، راجا ميمڻ، ايڊوڪيٽ منظر مھدي لغاري، ايڊووڪيٽ عامر قريشي سنيئر صحافي منير بروهي، علي حسن کوکر، راجا چنا۽ ٻيا موجود هئا.