وزيراعظم جي خط جو جواب، شهباز شريف به چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ ٽي نالا ڏئي ڇڏيا

news

اسلام آباد: مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏيندي 3 نالا تجويز ڪري ڇڏيا.
چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ صلاح مشوري جو سلسلو جاري آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف وزيراعظم جي خط جو جواب ڏيندي چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ ٽي نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن.
رپورٽ موجب انهن ٽن نالن ۾ اڳوڻو سيڪريٽري ناصر محمود کوسا، اخلاق احمد تارڙ ۽ عرفان قادر جا نالا شامل آهن.
خط ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طرفان افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته 25 نومبر 2019ع تي جنهن عمل جي شروعات ڪئي هئي ان ۾ غير ضروري ۽ بنا جواز دير ڪئي وئي.
ياد رهي ته وزيراعظم 15 جنوري تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ٽن اڳوڻن وفاقي سيڪريٽرين جا نالا تجويز ڪيا هئا، جن ۾ جميل احمد، فضل عباس ميڪن ۽ سڪندر سلطان راجا جا نالا شامل هئا.