صدر عارف علوي جو اٽي بحران تي اڻڄاڻائي جو اظهار

news

ڪراچي: صدر مملڪت عارف علوي ملڪ ۾ اٽي جي بحران کان اڻڄاڻائي جو اظهار ڪري ڇڏيو.
صدر پاڪستان عارف علوي اوچتو ڪراچي ۾ اين آءِ سي ايڇ ۽ اين آءِ سي وي ڊي جو دورو ڪيو ۽ طبي سهولتن جو جائزو ورتو. خاتون اول ثمينه علوي به ان سان گڏ هئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدرف عارف علوي جو چوڻ هو ته دوري جو مقصد اسپتال جي حالت ڏسڻي هئي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اهڙا ادارا بڻجڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي اهي اسپتال وفاق وٽ وڃي رهيا آهن، منتقلي دوران مريضن کي نقصان نه پهچي ان تي پابند آهيون، اسپتال کي وڌيڪ پنج سئو بيڊن جي ضرورت آهي، هڪ هڪ بيڊ تي چار کان پنج ٻار موجود آهن.
ملڪ ۾ اٽي جو بحران ۽ ان جي ذميوارن جي تعين متعلق سوال جي جواب ۾ صدر مملڪت چيو ته ان بابت مون کي ڄاڻ ناهي پر ڄاڻ هئڻ گهرجي.