مبارڪپور ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران مرڪزي سڏ تي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج

news

مبارڪپور: مبارڪپور ۾ پيرا ميڊيڪل عملي پاران مرڪزي سڏ تي بي ايڇ يو مبارڪپور ۾ او پي ڊي جو پهرين ڏينهن بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي شريڪ اڳواڻ سڪندر ڀٽو، قربان مهر. لياقت مهر، لياقت ٻرڙو، نصرالله شيخ ، علي محمد مهر، طالب جهلڻ، امام الدين مهر , الهداد ڪٽو ۽ ٻين ,  اڳواڻن چيو تہ حڪومت پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي جائز حقن لاءِ مسلسل احتجاج تي آھيون پر حڪومت توڙي صحت کاتي جي اعليٰ حڪام جي ڪن تي جونءَ بہ نہ ٿي سۡري.

ھنن چيو تہ احتجاج کي ء ڪم ڇڏ ھڙتال تي آھيون پر اڃا ڪير ٻڌڻ وارو ناھي رھيو، ھنن چيو تہ ملازمن جو سرورس اسٽرڪچر بحال ڪيو وڃي، رھيل 30% ھيلٿ پروفيشنل الائونس ڏنو وڃي.

رڪوري ليٽر واپس ورتو وڃي ء اسان جي جائز مطالبن کي جلد قبول ڪري حل ڪيو وڃي ء جيڪڏھن اسان جا مسئلا حل نہ ٿيا تہ اوپي ڊي جو بائيڪاٽ رکيو ويندو.