آمريڪي نائب پرڏيهي وزير جي عبدالرزاق دائود سان ملاقات، واپاري حجم وڌائڻ تي زور

news

اسلام آباد: آمريڪا جي نائب معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز وزيراعظم عمران خان جي صنعت ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود سان ملاقات ڪئي آهي.
صنعت ۽ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي نائب معاون پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري حجم وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
هن چيو ته ايلس ويلز موجب زراعت هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هن ترجيحات جي عمومي نظام جي استعمال متعلق ڪجهه تجويزون به ڏنيون.
عبدالرزاق دائود چيو ته حڪومت تجويزن جو جائزو وٺي آمريڪي انتظاميا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي، ايلس ويلز ڪيترن ئي اهم آمريڪي ڪمپنين جي ڪردار کي ساراهيو، جيڪي ڊگهي عرصي کان پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.
ياد رهي ته آمريڪي نائب معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز گذريل ڏينهن چئن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتي آهي، ان دوران هو اهم حڪومتي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندي.