نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي اسپتالن ۾ پيراميڊيڪل عملي پاران بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرا

news

نئون ديرو: نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي اسپتالن ۾ پيراميڊيڪل عملي پاران او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتالن اندر احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن.

نئون ديرو اسپتال ۾ پيراميڊيڪل اڳواڻن غلام شبير ڀٽو، عبدالجبار جلباڻي، غلام محمد ڀٽو، علي اصغر کهڙو، ضمر لاکو، ڪاشف ابڙو ۽ ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي او پي ڊيز جي تالابندي ڪري اسپتال ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

جتي هنن مطالبن جي حق ۾ نعريبازي پڻ ڪئي. جڏهن ته ڳڙهي خدابخش ڀٽو اسپتال ۾ پيراميڊيڪل عملي غلام عباس مڱڻيجو، صفي الله ڪوريجو، عبدالقدوس کهڙو، سهراب ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

جتي ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن جو چوڻ هو ته پيراميڊيڪل اسٽاف جو سروس اسٽرڪچر بحال ڪيو وڃي، رڪوري ليٽر واپس ڪري، 50 سيڪڙو هيلٿ الائونس ڏنو وڃي، جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي وي ڊي ۾ فارماسسٽ، نرسنگ ۽ ڊاڪٽرن سميت صحت کاتي جا وفاقي ملازم 100 سيڪڙو هيلٿ الائونس کڻن ٿا پر سنڌ جي اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي هيلٿ الائونس نٿو ڏنو وڃي.

2006 ۾ سروس اسٽڪچر مليو هيو جيڪو واپس ڪري ان جي مد ۾ مليل الائونس جا پئسا به واپس وٺڻ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي جيڪا سراسر ملازم دشمني آهي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته پيراميڊيڪل اسٽاف جا سمورا مطالبا تسليم ڪري ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر او پي ڊيز جو بائڪاٽ ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو.

هوڏانهن اسپتالن ۾ او پي ڊيز جي بائڪاٽ سبب علاج لاءِ ايندڙ مريض رولڙي جو شڪار بڻجي ويا آهن. جيڪي پرائيويٽ ڪلينڪن تان هزارين روپيه پئسا ڀري علاج وٺي رهيا آهن.