نوابشاهه ۾ نوجوان ٽرين جي ٽڪر ۾ چيڀاٽجي فوت، گهر ۾ ڪهرام

news

نوابشاهه : ڪنن ۾ هينڊ فري لڳل 22 ورهين جي ڳڀرو نوجوان کي تيز رفتار ٽرين جو اونو ڦُري ورتو چيڀاٽجي فوت گهر ۾ ڪُهرام متل .

خبر موجب لاهور کان ڪراچي ويندڙ 44 ڊائون شاهه حسين ايڪسپريس ريل گاڏي نوابشاهه ريلوي اسٽيشن کان اُتر طرف ڌامراه روڊ ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڪنن ۾ هينڊ فري لڳل 22 ورهين جي ڳڀرو نوجوان محمد قاسم ٽرين جي ٽڪر ۾ چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

نوجوان جو لاش اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پي ايم يو اسپتال نوابشاهه پهچايو جتي ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو لاش گهر پهچڻ تي ڪُهرام مچي ويو نوجوان جو لاش ڏسي سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.