جيڪب آباد ۾اغوا ڄاڻايل هندو ناري پوليس پاران ڇوڪري سخت پهري هيٺ عدالت ۾ پيش

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد مان اغوا ڄاڻايل هندو ناري جي مسلمان ٿيڻ واري خبر بعد مامري ڪشيدگي اختيار ڪري ورتي، ڇوڪري جي وارثن ۽ هندو برادري پاران مهڪ جي عليزا ٿيڻ تي اعتراض واري ڇڏيا، پوليس پاران ڇوڪري سخت پهري هيٺ عدالت ۾ پيش، پريمي پيش نه ٿيڻ تي ڇوڪري جا 164 جا بيان قلم بند نه ٿي سگهيا،

تفصيل موجب: جيڪب آباد مان پنج ڏينهن اڳ سول لين لين ٿاڻي جي حد نماڻي سنگت مان نائين درجي جي هندو شاگردياڻي پاران پنهنجي پريمي مزدور علي رضا سولنگي سان گهران فرار ٿي ٻن ڏينهن بعد امروٽ شريف جي گادي نشين وٽ پيش پئي سندس هٿ تي ڪلمو پڙهڻ بعد علي رضا سولنگي سان نڪاح ڪرڻ واري خبرن بعد مهڪ/عليزا وارو مامري ڪشيدگي اختيار ڪري ورتي آهي.

نانڪي عرف مهڪ پاران امروٽ شريف ۾ مسلمان ٿي وڃڻ بعد جيڪب آباد پوليس کيس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪالهه صبح پوليس جي سخت پهري هيٺ سول ڪورٽ ۾ فرسٽ سول جج جوڊيشنل مئجسٽريٽ امتياز لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جتي پوليس پاران عدالت ۾ مهڪ/عليزا اغوا ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل نوجوان ڇوڪري جي مڙس علي رضا سولنگي کي پيش نه ڪرڻ سبب عدالت ڇوڪري جا 164 جا بيان به قلم نه ڪيا ۽ سڀاڻي(اڄ) ٻيهر نوجوان سميت پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو.

ان موقعي تي ڇوڪري جا وارث امڙ، ناني، ڀيڻ سميت مٽ مائٽ به عدالت پهچي کيس واپس گهر هلڻ جون منٿون ڪندا رهيا.ڇوڪري جي عدالت ۾ پيشي دوران پوليس پاران انتهائي سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا ۽ عدالت جا دروازا پڻ بند ڪيا ويا هئا.