جيڪب آباد ۾ آل پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

news

جيڪب آباد : جيڪب آباد ۾ آل پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سول اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي يار محمد مغيري، جهانگير جمالي، رفيق جمالي، نور نوناري، اسلم مسيح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

جڏهن ته پيراميڊيڪل اسٽاف جي ڊاڪٽرن پاران پڻ حمايت ڪئي وئي ۽ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي ڊاڪٽر اسپتال کي تالا لڳائي هليا ويا. ان موقعي تي پيراميڊيڪل اسٽاف اڳواڻ جو چوڻ هو ته اسين ايمرجنسي کان علاوه سول اسپتال جي سڀني شعبن ۾ ڪم ڪرڻ کان بائيڪاٽ ڪيو آهي.

جيسيتائين اسان کي سروس اسٽرڪچر، ٽائيم اسڪيل، هيلٿ الائونس ڏيڻ سميت جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا احتجاج جاري رهندو.