ڄامشورو : ڳوٺ پوپٽ ۾ سماجي تنظيم پاران معصوم ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي)ڄامشورو جي تعلقي ڪوٽڙي جي ڪچي آبادي واري علائقي پوپٽ ڳوٺ ۾ سماجي تنظيم انسٽيٽيوٽ آف رورل مينيجمينٽ ( آئي آر ايم ) جي نگراني هيٺ هلندڙ هوم بيسڊ اسڪول ( آئي آر ايم سمارٽ اسڪولس  ) ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ ڪميونٽي ميڊيسن اينڊ پبلڪ هيلٿ سائينسز  جي تعاون سان 4 کان 15 ورهين جي 50 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو.

ٻارڙن جي ميڊيڪل چيڪ اپ لاء ڊاڪٽر خالده ناز ۽ ڊاڪٽر الياس صديقي جي اڳواڻي چائيلڊ اسپيشلسٽس ڊاڪٽرن ڊاڪٽر گلزار عثمان , ڊاڪٽر دليپ ڪمار , ڊاڪٽر سهيل بجاراڻي , ڊاڪٽر جاويد قادري , ڊاڪٽر قرت العين , ڊاڪٽر فرحه ديبا ۽ ڊاڪٽر ريحانا ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ بعد پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪافي ٻارڙن ۾ رت جي کوٽ , چمڙي جي بيماري , ڏندن جي ڪمزوري ۽ ٻيا مسئلن موجود آهن ,

هنن چيو ته ٻارڙن ۾ صحت جا اهي مسئلا والدين جي ڪم علمي ۽ ٻارڙن تي گهٽ ڌيان ڏئڻ جي ڪري ٿين ٿا ٻارڙن جي کاڌ خوراڪ ۽ صفائي تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي جنهن سبب ٻار انهن مسئلن جو شڪار ٿين ٿا , هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته والدين ۽ اسڪول مينيجمينٽ ٻارڙن جي صحت تي ڌيان ڏئن , ٻارڙن وقت تي کاڌو ڏنو وڃي , ٻار کي نيرن ضرور ڪرائي وڃي , روز مراه جي بنياد تي ٻار کي کير ۽ آنو ضرور کارائجي , ٻارڙن کي گندگيء جي ڍيرن کان پري رکجي ۽ ٻارڙن ۾ روز مراه جي بنياد تي ٽۡٿ برش ڪرڻ ۽ وقت سر هٿن پيرن جا نح لاهڻ جي عادت ونجهجي ته جيئن معصوم ٻارڙا بيمارين کان بچي سگهن .

ان موقعي تي آئي آر ايم جي  سنڌ ريجنل مينيجر ڪاشف صديقي جو چوڻ هيو ته آئي آر ايم پاران ڪراچي ۽ ڄامشورو جي ڪچي آبادي واري مختلف علائقن ۾ ٻارڙن جي بنيادي تعليم لاء آئي آر ايم سمارٽ اسڪول نالي 30 کان وڌيڪ هوم بيسڊ اسڪول قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ نرسري کان پرائمري تائين ٻارڙن مفت تعليم ۽ درسي ڪتاب مهيا ڪيا ويندا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارڙن جو هر سال مفت ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ دوائن مهيا ڪيون وينديون.

آئي آر ايم جي ساڳي پروگرام تحت لمس يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ ڪميونٽي ميڊيسن اينڊ پبلڪ هيلٿ سائينسز جي تعاون سان اڄ ميڊيڪل ڪيمپ  قائم ڪئي وئي جتي 50 کان وڌيڪ اسڪولي ٻارڙن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو ۽ انهن ٻارڙن کي مفت دوائون پڻ مهيا ڪيون وينديون  , هن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته آئي آر ايم ملڪ جي روشن مسقبل لاء سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ تعليمي جاکوڙ ڪري رهي آهي .