بدين ۾ انصاري برادري جو بااثر حيسڪو جي ملازم ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

news

بدين:  قاضيه واه پل ڀرسان اولڊ مساڻ محلا جي رهواسين غلام حيدر انصاري ذوالفقار انصاري  حسين بخش انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب بدين اڳيان مظاهرو ڪيو.

جنهن دوران هنن دانهيندي چيو ته حيسڪو جي ملازم صديق ملاح  پرويز ملاح پنهنجي ساٿين دوست علي ملاح عزيز ملاح ۽ ٻين 5 ڄڻن سان گڏجي  17 جنوري تي رات جو بيگاه وقت غلام حيدر جي گهر ۾ گهڙي گهر ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ گهر ڌڻي جي ٻن پٽن فرمان علي ۽ ذيشان علي کي سخت زخمي ڪرڻ بعد گهر ۾ پيل روڪ رقم هل لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي هليا ويا.

هنن چيو ته اسان اهڙو اطلاع سٽي ٿاڻي بدين تي ڏنو پر پوليس اسان جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي مرضي جي رپورٽ لکي اسان کي روانو ڪري ڇڏيو هنن الزام هنيو ته حملو ۽ ڦرلٽ ڪندڙ حيسڪو ملازم جو ڀاءُ عبدالله ملاح جيڪو پاڻ کي ڪامريڊ ۽ ڏاڍو مڙس سڏائي ٿو اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي.

جنهن سبب اسان کي انهن مان وڌيڪ جان ۽ مال جو خطرو آهي هنن مطالبو ڪيو بااثر حيسڪو ملازم صديق ملاح ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏيندڙ عبدالله ملاح وارن خلاف گهر ۾ گهڙن جان کان مارڻ جي ارادي سان حملو ڪري زخمي ڪرڻ گهر مان روڪ رقم ۽ سامان ڦرلٽ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.