سياسي دٻاءُ کان پوءِ حڪومت گيس جي قيمتن ۾ اضافو روڪي ڇڏيو

news

اسلام آباد:(اڱارو 21 جنوري 2020ع)  ڪڻڪ ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي تي سياسي دٻاءُ کان پوءِ حڪومت عوامي تنقيد کان بچڻ جي لاءِ قدرتي گيس جي قيمتن تي 5 کان 15 سيڪڙو اضافي کي روڪي ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب ڄاڻ رکندڙ ذريعن موجب ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) جو ٻيو سيشن شام جو توانائي واري وزارت طرفان گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان پيش ڪيل سمري تي غور جي لاءِ طلب ڪيو هو.

وزيراعظم جي  ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ اي سي سي جي صبح ۽ شام جو ٿيندڙ ٻنهي اجلاسن جي صدارت ڪئي هئي.  توانائي واري وزارت پيٽروليم ڊويزن ۽ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي اوگرا جي لاڳاپيل آفيسرن گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن کي اڳيان وڌائڻ جي تيار ويٺا هئا. پر کين 8 بجي اهو پيغام ڏنو ويو ته اي سي سي ڪڻڪ ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي تي دٻاءُ سبب انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا کي پيٽروليم ڪابينه ڊويزن طرفان خط جاري ڪيو ويندو جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن جي لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافي کي روڪڻ جو چيو ويندو ته جيئن عوامي دٻاءُ گهٽ ٿي سگهي.