عراق: آمريڪي سفارتخاني ويجهو راڪيٽ حملو

news

بغداد: (اڱارو 21 جنوري 2020ع) عراق جي گادي واري شهر بغداد جي گرين زون ۽ آمريڪي سفارتخاني جي ويجهو 3 راڪيٽ حملا ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب راڪيٽ حملن وقت آمريڪي سفارتخاني سان لاڳاپيل ڪامپليڪس مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن پناهه وٺڻ جا اعلان ڪيا ويا.

عراقي پوليس موجب ڪٽيوشا جا 3 راڪيٽ گرين زون جي اندر ڪريا، جنهن ۾ سرڪاري عمارتون ۽ ڪيترائي پرڏيهي سفارتخانا موجود آهن. راڪيٽ حملن ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي پهتو. جڏهن ته آمريڪا طرفان اڃان تائين ان حوالي سان ڪوبه بيان سامهون ناهي آيو.

واضح رهي ته 3 جنوري تي آمريڪا هوائي حملو ڪري ايراني جنرل قاسم سليماني کي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جي بدلي ۾ ايران طرفان 8 جنوري تي بغداد ۾ آمريڪا جي ٻن فوجي اڏن تي ڪيترائي ميزائل فائر ڪيا ويا هئا.