ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم جهڙالو، برسات جو امڪان

news

اسلام آباد: (اڱارو 21 جنوري 2020ع)  موسميات کاتي موجب مٿانهين خيبرپختونخواهه، مٿانهين پنجاب، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي.

ڏکڻ پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي ضلعن ۾ ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته  ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌو رهندو. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ اڱاري جي صبح ڪارا ڪڪر ڇانيل رهيا ۽ ڪجهه سيڪٽرز ۾ بوندا باندي به پئي. صبح جي وقت شهر جو گرمي پد 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو وڌ کان وڌ 10 تائين وڃي سگهي ٿو.

پنجاب صوبي جي مختلف ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽  جهڙالو رهندو. جڏهن ته گوجرانوالا، گجرات، حافظ آباد، منڊي بهاءُالدين، نارووال، سيالڪوٽ، راولپنڊي، مري، اٽڪ، جهلم، چڪوال، لاهور، قصور، فيصل آباد، جهنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، سرگودها، بهکر، خوشاب ۽ ميانوالي جي ضلعن ۾ برسات جو امڪان آهي. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو. جڏهن ته سکر، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪوهيڙو پئجي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب بلوچستان جي ضلعن ڪوئٽه، قلعه عبدالله، پشين، نوشڪي، مسلم باغ، چمن، چاغي، زوب ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي. مٿانهين خيبرپختونخواهه، بونير، چترال، دير، ڪالام، مالاڪنڊ، شانگلا، سوات، ايبٽ آباد، مانسهره، هريپور، ڪوهستان، ڪريم، پشاور، مردان، ڪوهاٽ جي ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري پئجي سگهي ٿي. جڏهن ته صوبي جي ٻين ضلعن ۾ موسم جهڙالو رهندو.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته اتر وارن علائقن ۾ وڌيڪ ٿڌو رهندو. جڏهن ته ڪوئٽه ۽ بهاولپور ۾ 01 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سڀني کان وڌيڪ ٿڌ اسڪردو ۾ پئي جتي جو گرمي پد ڪاٽو 20 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.