ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اٽي جي قيمت پنجهتر روپيه ڪلو ٿي وئي

news

اسلام آباد: (اڱارو 21 جنوري 2020ع) سڄي ملڪ ۾ اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ڪراچي کان گلگت تائين اٽو 75 روپيه ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

شهري مهانگي اگهن تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. پشاور ۽ هزاره سميت مختلف شهرن ۾ تندور بند هجڻ سبب به ماڻهو پريشاني ۾ ورتل آهن. ملتان مان اٽي جي مصنوعي بحران سبب عام مارڪيٽ ۾ اٽي جي کوٽ هجڻ سبب شهري مهانگو اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. حڪومتي ايڪشن، ڪارروايون ڪنهن ڪم نه آيون. سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران اڃان تائين برقرار آهي. عوام ٻٽي عذاب کي منهن ڏيڻو لڳو.

ڪراچي کان گلگت تائين اٽي جي قيمتن ۾ اضافي عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ اٽي جي قيمت 75 روپيه ڪلو تائين پهچي وئي. ريليف سينٽر به شهرين کي رليف نه ڏئي سگهيا. لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ گوجرانوالا سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ اٽو 70 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. لاهور ۾ اٽو، ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ 6 روپيه مهانگو ٿي ويو.

پشاور ۽ هزارا سميت مختلف شهرن ۾ تندور بند آهن. ماني وٺڻ جي لاءِ شهري دربدر آهن. حڪومت طرفان 3 لک ٽن ڪڻڪ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سستو اٽو ناياب ٿيڻ تي تندورن تي سادي ماني جي قيمت 12 روپيه، خميري ماني 14 روپيه جڏهن ته نان 20 روپيه ملي رهيو آهي موجوده صورتحال ۾ اٽي جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان هجڻ تي شهرين جون معاشي پريشانيون وڌي ويون آهن.