بنگلاديش جي رانديگرن پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون

news

لاهور: (اڱارو 21 جنوري 2020ع) بنگلاديش جي رانديگرن پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز جي لاءِ پريڪٽس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب بنگلاديش جي ٽيم اربع تي پاڪستان جي دوري لاءِ روانو ٿيندي. ٽي ٽوئنٽي سيريز جي تياري لاءِ بنگلاديش جي رانديگرن پريڪٽس ميچن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. تربيتي ڪيمپ جي پهرين ڏينهن بي سي بي جي صدر نظم الحسن به رانديگرن سان ملاقات جي لاءِ آيو. 

صحافين سان ڳالهيون ڪندي نظم الحسن چيو ته مان رانديگرن سان گڏ سيڪيورٽي جي معاملن تي ڪابه ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان پر ڪجهه خدشا سامهون آيا آهن. مون هنن کي چيو آهي ته پريشاني جي ڪابه ڳالهه ناهي. اوهان صرف راند تي ڌيان ڏيو اوهان جيڪڏهن سيڪيورٽي جي باري ۾ وڌيڪ سوچيو ته ان سان ڪارڪردگي متاثر ٿيندي. ڪرڪيٽ هڪ مشڪل راند آهي جنهن ۾ ذهني سڪون سان  ميدان ۾ لهڻ ضروري آهي.

خاص طور تي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ سخت دٻاءُ ۽ هر لمحي ۾ مقابلي جي صورتحال تبديل ٿيندي آهي. مان رانديگرن کي چيو آهي ته اطمينان رکو. اسان جو هڪ سيڪيورٽي وفد اتي پهريان ئي موجود هوندو. بنگلاديشي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي جا اهلڪار پهريان اتي پهچندا.

هن چيو ته ان  ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان جي  سيڪيورٽي هر لحاظ کان بهتر آهي. پي سي بي پنهنجي سموري سيڪيورٽي پلان کان اسان کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ان جي باوجود ڪٿي به ڪو واقعو ٿي سگهي ٿو. اسان جو پنهنجو سيڪيورٽي وفد به پوري دوري جي دوران صورتحال تي نظر رکڻ جي لاءِ موجود هوندو.