پاڪستاني اداڪاره عائشه عمر ننڍپڻ جي ڏکين ڏينهن بابت سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو

news

لاهور: (اڱارو 21 جنوري 2020ع)  پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره عائشه عمر پنهنجي پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ پنهنجي ننڍپڻ ۽ والده جي جدوجهد جي ڪهاڻي پنهنجي مداحن سان شيئر ڪئي آهي.

عائشه عمر پنهنجي والده جي سالگره جي موقعي تي ڊرامي جي سيٽ تي ڪيڪ ڪاٽيو جنهن جي تصوير هن فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي. اداڪاره پنهنجي والده جي سالگره ملهائڻ سان گڏ ان تصوير تي هڪ ڊگهو ڪيپشن به لکيو جنهن ۾ هن پنهنجي پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ پنهنجي ماءُ ۽ ننڍپڻ جي جدوجهد جي حوالي سان ٻڌايو.

عائشه عمر لکيو ته هڪ بيوه عورت جنهن جا 2 ٻار هئا ان وٽ مرحوم مڙس جي نالي تي هڪ پائي به نه هئي. ان عورت جا سمورا ڀيڻ ڀاءُ شادي شده هئا ۽ هو اهو سمجهندا هئا ته اسان جي ڀيڻ جي جنهن خاندان ۾ شادي ٿي آهي اهي ان جي معاشي ۽ جذباتي اعتبار سان سٺي نظرداري ڪري سگهن ٿا. اداڪاره والد جي لاڏاڻي کان پوءِ والده جي پريشانين جي حوالي سان وڌيڪ لکيو آهي ته منهنجي والده جي ساهورن خانداني ڪمپني کي ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن جو وڏو شيئر هولڊو منهنجو پيءُ هو. بابا فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀائرن ۽ ڀينرن سموري رقم پاڻ ۾ ئي ورهائي ڇڏي هئي.

عائشه عمر پنهنجي ننڍپڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو اهو سال اسان جي لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون ڏيندڙ هو جيئن ئي منهنجو ڪاليج شروع ٿيو مان ٽي وي جا ڪجهه پروجيڪٽس ڪرڻ شروع ڪيا ته جيئن مان پنهنجي تعليم جا خرچ برداشت ڪري سگهان. واضح رهي ته اداڪاره عائشه عمر ننڍي اسڪرين سان گڏوگڏ فلمن ۾ به مشهوري ماڻي چڪي آهي ۽ هلندڙ سال ان جي ايندڙ فلمن ۾ فلم رهبرا  ۽ ڍهائي چال شامل آهي.