انٽرپول جي اڳوڻي سربراهه کي چين ۾ ساڍا تيرنهن سال قيد جي سزا

news

بيجنگ: (اڱارو 21 جنوري 2020ع)  چين جي عالمي  عدالت پوليس انٽرپول جي اڳوڻي سربراهه کي 13 سال، 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب چين جي عدالت انٽرپول جي اڳوڻي سربراهه مينگ هونگ وائي کي رشوت وٺڻ جي الزام ۾ قيد جي سزا ٻڌائي ۽ ان تي 20 لک يوان ڏنڊ به لاڳو ڪيو. عدالت موجب مينگ هونگ تي ڪرپشن ۽ عهدي جي ناجائز استعمال جو الزام ثابت ٿي ويو آهي.

مينگ هونگ وائي چيني پوليس جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز رهڻ کان پوءِ انٽرپول جو سربراهه چونڊجي ويو هو. هو چين ۾ پبلڪ سيڪيورٽي جو نائب صدر به رهي چڪو آهي. مينگ هونگ 2018 ۾ فرانس مان گم ٿي ويو هو. هو 23 سيپٽمبر تي فرانس ۾ پنهنجي هيڊ آفيس مان چين روانو ٿيو هو جنهن کان پوءِ ان جي ڪابه خبر سامهون نه آئي هئي. ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ چين ان جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو هو ته ڪجهه معاملن سبب ان کي روڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ مينگ هونگ وائي چين مان ئي پنهنجو استعيفيٰ پيرس موڪلي ڇڏيو هو جتي انٽرپول جي صدر آفيس واقع آهي.

مينگ هونگ حڪمران پارٽي ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ به رهي چڪو آهي. هن 40 ساله ڪيريئر پوليس ۾ گذاريو آهي ان جي گهر واري گريس مينگ کي فرانس ۾ سياسي پناهه ڏني وئي آهي ۽ ان جو چوڻ آهي ته مڙس کي چيني حڪومت سياسي انتقام جو نشانو بنائي رهي آهي. ياد رهي ته چين ۾ صدر شي جنگ پنگ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڪرپشن جي خلاف مهم ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي سزا ٻڌائي وئي آهي پر تجزيو ڪندڙن ان کي سياسي مخالفن کي رستي تان هٽائڻ جي مهم قرار ڏنو آهي.