سيوهڻ ۾ ڪار جي ٽڪر سبب ٻن موٽر سائيڪل سوارن سميت نو ڄڻا زخمي

news

سيوھڻ: سيوھڻ باء پاس تي گاجي شاھ جي ميلي تي ويندڙ ڪار جو موٽر کي ٽڪر 2 موٽر سائيڪل سوار سميت 9 ڄڻا زخمي ھڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي.

تفصيل موجب سيوھڻ جي باء پاس تي حيدرآباد کان ايندڙ تيز رفتار  ڪار جو  آمھون سامھون موٽر سائيڪل کي ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ 2 موٽر سائيڪل سوارن سميت 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

جن کي سيد عبداللله شاھ انسيٽيٽيوٽ اسپتال سيوھڻ آندو ويو جتي زخمين جي سڃاڻپ مشرف مستوئي مبارڪ رائو  محسن شوق ڪرامت مستوئي صمد لاڙڪ شريف وقاص شامل جن جو تعلق حيدرآباد جي واپڊا ڪالوني جا رھواسي آھن.

جڏھن ته موٽر سائيڪل سوار  زخمي سيد علي اڪبر شاھ ۽ غلام محمد پنھيار جن جو تعلق سيوھڻ ويجھو يوسي بوبڪ جي ڳوٺ پنھيار سان سڃاڻپ ٿي  زخمين کي طبي امداد مھيا ڪئي وئي ڍاڪٽر موجب موٽر سائيڪل سوار سيد علي اڪبر شاھ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي.

جنھن کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ٻئي طرف ڪار سوار 7 زخمين ٻڌايو ته  اسين سڀ دوست آھيون ۽ حيدرآڀاد کان ڪار رينٽ تي ڪري گاجي شاھ جي ميلي تي وڃي رھيا ھئا سين ته ھي حادثو پيش آيو آھي بعد ۾ سيوھڻ  پوليس  واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري ڪار کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي.