ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو جي صدارت ۾ پوليو مهم جي انتظامن جي جائزي لاءِ گڏجاڻي

news

حيدرآباد: ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد عائشه ابڙو لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو 17 فيبروري 2020 کان شروع ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري پوليو کان بچاءُ جي مهم دوران سنجيدگي جو مظاهرو ڪن ته جيئن پوليو مهم جا وڌ کان وڌ نتيجا حاصل ڪري سگهجن .

اها هدايت هن اڄ شهباز هال ۾ پوليو مهم جي انتظامن جي جائزه گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني _ هن حيدرآباد ۾ ماحولياتي سيمپل لاڳيو مثبت اچڻ تي ڳڻي جو اظهار ڪندي  لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو انڪاري ڪيسن کي مڪمل ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين ڇو ته ڪنهن به عملدار جي ٿورڙي لاپرواهي ڪنهن معصوم ٻار جي هميشه معذوري جو سبب بڻجي سگهجي ٿي.

انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليو کان بچاءُ جي مهم ۾ ڪم ڪندڙ عملدار ۽ عملو پنهنجا فرض ايمانداري سان ادا ڪن _ هن واضح ڪيو ته ڪنهن به عملدار يا عملي جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو _ گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي ڊي ايڇ او حيدرآباد ڊاڪٽر مسعود جعفري ٻڌايو ته پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران پنجن سالن تائين جي عمر جي 339996 ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان 1058 موبائيل ٽيمون ، 118 فڪسڊ پوائنٽس جڏهن ته 23 ٽرانزٽ ٽيمون  پنهنجا فرض  ادا ڪنديون  جنهن جي نگراني لاءِ 266 ايريا انچارجز ، 82 يو سي ايم اوز ۽ 12 تعلقه سپروائيزر مقرر ڪيا ويا آهن _ گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد لياقت علي ڪلهوڙو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.