پنو عاقل ۾ سيپڪو چيف ۽ اي سي جي اڳواڻي ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن

news

پنوعاقل: سيپڪو چيف سکر ء اي سي سيپڪو سکر جي اڳواڻي م بجلي باقيدارن ء بجلي چورن خلاف آپريشن، بجلي بلن جي مد م لکين رپيا اوڳاڙي، ڪيتراۂي غير قانوني ڪنيڪشن ڪاٽا،  سيپڪو چيف سکر قمر مشتاق ء اي سي مير احمد شيخ جي نگراني م پنوعاقل شھر جي مختلف بيجن م بجلي باقيدارن خلاف آپريشن ڪيو ويو.

بجلي بل جي بقاياجات جمع نہ ڪراۂيندڙ سوين صارفين جا ڪنيڪشن ڪاٽي لکين رپيا اوڳاڙي ڪۂي وۂي ء ڪنڊا ڪنيڪشن خلاف بہ ڪارواۂي ڪري ڪيتراۂي غير قانوني ھلندڙ ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا.

سيپڪو چيف ء اي سي سکر سان گڏ پنوعاقل سب ڊويزن آفيس انچارج عبدالشڪور منگي، نيڪ محمد انڍڙ، ياسين کوسو، اختيار سميجو ء ٻيا ساڻ هئا.