پارليامينٽ پنهنجو حقيقي ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ وڃي رهي آهي: فردوس عاشق اعواڻ

news

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري معاون خصوصي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن گڏيل طور تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي نالن جي منظوري ڏني، هاڻ پارليامينٽ پنهنجو حقيقي ۽ جمهوري ڪردار ادا ڪرڻ وڃي رهي آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن اميد ظاهر ڪئي ته هاڻ پارليامينٽ ۾ مفاهمتي عمل اڳيان وڌندو، جيڪو عوام کي رليف ڏيڻ جو سبب بڻجندو.
هن جو چوڻ هو ته مفاهمت جي عمل کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اپوزيشن ۽ حڪومت ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ اتفاق راءِ سان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي نالن جي منظوري ڏني.
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم ڊيووس جو انتهائي اهم دورو ڪري رهيو آهي. ان طرفان ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ڪشمير جو مسئلو اجاڳر ڪيو ويندو، جڏهن ته هو عالمي اڳواڻن کي ڀارت جي رياستي دهشتگردي کان آگاهه ڪندو.
هن چيو ته ماضي ۾ ننڍن واپارين جي خدشن تي ڪنهن به توجهه نه ڏني هئي، انهن جي لاءِ اين او سي وٺڻ وڏو ڏکيو مرحلو هو پر هاڻ وزيراعظم سرمائيڪارن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيو آهي.