وزيراعظم عمران خان ڊيووس پهچي ويو، آمريڪي صدر سان ڪجهه دير کانپوءِ ملاقات ٿيڻ واري

news

ڊيووس: وزيراعظم عمران خان ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس پهچي ويو آهي، جتي ان جي ڪجهه دير کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات ٿيندي.
وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ملاقات دوران پاڪ آمريڪا تعلقات، علائقي جي صورتحال ۽ خصوصي طور وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو معاملو هڪ دفعو وري کڻندو، جڏهن ته افغان امن عمل ۾ اڳڀرائي تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ان کانسواءِ اڄ وزيراعظم جي آذربائيجان جي صدر ۽ سنگاپور جي هم منصب سان ملاقاتون شيڊول آهن. اهي ملاقات ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سائيڊ لائنز تي ٿي رهيون آهن.