وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي ملاقات

news

ڊيووس: وزيراعظم عمران خان جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڊيووس ۾ ملاقات ٿي آهي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي انتهائي خوشگوار ماحول ۾ سائڊ لائين تي ملاقات ٿي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سان ٻيهر ملي خوشي ٿي آهي، آمريڪي صدر سان افغان امن عمل تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته پاڪستان علائقي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو.
هن جو چوڻ هو ته افغانستان جي معاملي تي آمريڪا ۽ پاڪستان هڪ صفحي آهن.
ان موقعي تي آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته عمران خان منهنجو دوست آهي، ان سان ٻيهر ملاقات تي خوشي ٿي آهي.