جروار: صفوران ڳوٺ جي رهواسڻ معصوم پنج سالن جي ڌيءَ جي ڳولا لاءِ گهوٽڪي پهتي

news

جروار (رپورٽ: حاڪم علي بوزدار) ڪراچي کان پنهنجي معصوم نياڻي جي ڳولا لاء گهوٽڪي پهچي وئي , نياڻي اغوا ڪندڙ خلاف ڪاروائي ڪري نياڻي واپس ڪرائي ڏيو.

عورت گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي تي داهون ڪندي رهي , ڪراچي جي صفوران ڳوٺ جي رهواسڻ مائي ڪوئلا باگڙي معصوم نياڻي جي ڳولا لاء گهوٽڪي ٿاڻي تي پهچي نياڻي هٿ ڪري ڏيو جون دانهون ڪندي رهئي.

ان موقعي ته مائي ڪوئلا باگڙي صحافين اڳيان داهيندي چيو ته مان ڪراچي جي صفورا واري علائقي جي رهواسي آهيان , منهنجي معصوم 5 سالن جي سونا سندس مڙس ۽ ڏير اغوا ڪري گهوٽڪي جي عادلپور شهر کڻي آيا آهن , هو منهنجي نياڻي کي اغوا ڪري انڊيا کڻي وڃڻ چاهن ٿا.

هن چيو ته اسان مسڪين ۽ غريب آهيون , سندس ڪو مدد نٿو ڪري , اهڙي دانهن کڻي گهوٽڪي ٿاڻي پهتي آهيان , ان موقعي ته عورت ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته خدارا منهنجي نياڻي کي اغوا ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري نياڻي واپس ڪرائي ڏني وڃي.