مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي کي چوڌري ڀائرن جي پٺڀرائي جو انڪشاف

news

لاهور: (اربع 22 جنوري 2020ع) حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف پاڪستان مسلم ليگ(ق) سان ڪيل اهي واعدا پورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيڪي لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ آهن. پي ايم ايل(ق) جي سينئر اڳواڻ دي نيوز سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته حالتون ٺيڪ ٿي رهيون آهن ۽ لاڳاپن ۾ موجود خال هاڻ ڀرجي رهيو آهي.

جيڪڏهن موجوده سوچ برقرار رهي ته وڌيڪ مسئلا جن سان لاڳاپا خراب ٿيندا آهن انهن کي حل ڪيو ويندو. ان موجب وفاقي حڪومت پي ايم ايل(ق) طرفان تجويز ڪيل آفيسرن کي ان جي شهرن ۾ مقرر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جتي ان جا نمائندا 2018 جي اليڪشن کٽيا هئا. ميڊيا جي رابطي ڪرڻ تي پي ايم ايل(ق) جي اڳواڻ ڇوڌري مونس الاهي اميد ظاهر ڪئي آهي ته لاڳاپا تيزي سان بهتر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي پارٽي حڪمران اتحاد جي اتحادي آهي ۽ ان لاءِ ڪابه پريشاني نٿا ڪرڻ چاهيون.

جڏهن ته پي ايم ايل(ق) جا ٻيا اڳواڻ چون ٿا ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پهريان جيان موجود آهي. اندروني ذريعن موجب جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان طرفان هنيل ڌرڻي ۾ هڪ موقعي تي اهو انڪشاف ٿيو ته گجرات جي چوڌرين ڌرڻي جي راءِ به ڏني هئي ۽ ڌرڻي جي فنڊنگ به ڪئي. پر ان ملاقات ۾ هڪ ٻئي طاقتور اڳواڻ ان جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته اها چاڻ غلط آهي جيڪو ڪجهه ملاقات ۾ ٿيو اهو پرويز الاهي ٻڌايو هو. هن ان تي پريشاني جو اظهار ڪيو.

هڪ ٻئي موقعي تي اثر رسوخ رکندڙ اڳواڻ ملاقات ۾ پرويز الاهي تي زور ڏنو ته فضل الرحمان جي موجودگي ۾ صحافين سان ڳالهيون نه ڪريو ڇو ته فضل الرحمان کي ميڊيا جو غير ضروري ڌيان ملي رهيو آهي.  جنهن کان پوءِ انهن کي ٻڌايو ويو ته ڪنهن به حالت ۾ ڌرڻي کي وڌيڪ ڪوريج ملندي ڇو ته هي واقعو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا طرفان رپورٽنگ جي قابل آهي. ان سڀ ڳالهين کان پوءِ ان جي واپسي تي اسپيڪر پنهنجي ساٿين کي ملاقات ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي باري ۾ به آگاهه ڪيو هو. اندروني ذريعن موجب ڪنهن به وفاقي  وزير پي ايم ايل(ق) جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين جي عيادت نه ڪئي جڏهن ته هو علاج کان پوءِ جرمني  مان واپس آيو، هو ڪافي بيمار به هو.