پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز: مهمان ٽيم اڄ پاڪستان پهچندي

news

لاهور: (اربع 22 جنوري 2020ع) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب بنگلاديش جي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم اڄ پاڪستان پهچندي. ذريعن موجب مهمان ٽيم سان گڏ بنگلاديش انٽيليجنس جا آفيسر به موجود هوندا.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 24، ٻيون 25 ۽ ٽيون 27 جنوري تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ڪرڪيٽ ٽيمون 23 جنوري ٻنپهرن جو 1 کان شام 4 بجي تائين قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٽريننگ ڪنديون.

23 جنوري ٻنپهرن جو 12:45 وڳي ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ پري سيريز ميڊيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندا. پري سيريز پريس ڪانفرنس کان پوءِ ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان ٽرافي جي رونمائي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندا. پي سي بي ترجمان موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽي 20 سيريز ۾ شامل سموريون ميچون ٻنپهرن جو 2 وڳي شروع ٿينديون.

قومي ٽيم جي ڪپتاني بابر اعظم ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ احسان علي، عماد بٽ، حارث رئوف، افتخار احمد، عماد وسيم، خوشدل شاهه، محمد حفيظ، محمد حسنين، محمد رضوان، موسيٰ خان، شاداب خان، شاهين شاهه آفريدي، شعيب ملڪ ۽ عثمان قادر شامل آهن.

پاڪستان 2008 ۾ به بنگلاديش ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽيم جي ميزباني ڪري چڪو آهي. ٻئي ٽيمون آخري ڀيرو آءِ سي سي ٽي ٽوئني ورلڊ ڪپ 2016 ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آيون هيون. 16 مارچ 2016 تي کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 55 رنسن تان شڪست ڏني هئي.