آفيس جي ملازمن جي خراب ذهني صحت جا معيشت تي به اثر پوندا آهن

news

لاهور: (اربع 22 جنوري 2020ع)  آفيس ۾ اڪثر ملازمن کي ان وقت ذهني دٻاءُ جي ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جڏهن کين مئنيجر جي سخت رويي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جڏهن ته ڪم جو دٻاءُ به ان ڪيفيت ۾ مبتلا ڪرڻ جو هڪ سبب آهي.

آفيس جي معاملن سبب ذهني دٻاءَ جي ڪيفيت انسان کي صحت جي خرابي سان گڏوگڏ دماغي اعتبار سان به تمام گهڻو متاثر ڪري سگهن ٿيون. ان حوالي سان برطانيه جي لونڊس بينڪنگ گروپ جي سربراهه سمورن ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي ڪمپنيون جيڪي ملازمن کي دماغي صحت جي مسئلن کي نظرا نداز ڪن ٿيون انهن ملازمن جون زندگيون ۽ گهر وارن سان سندن لاڳاپا خراب ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. 

هڪ تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ملازمن جي ذهني صحت تي ڌيان نه ڏيندڙ ڪمپنين جي ڪري معيشت تي به وڏو اثر پوندو آهي. ڊيلوريٽ جي هڪ مطالعي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملازمن جي ذهني صحت جي مسئلن سان ڪاروبار ۽ معيشت تي هر سال 40 بلين ڊالر لاڳت ايندي آهي.

ڪمپنين ۾ عام طور تي اڪثر 2 ملازم غير حاضر هوندا آهن جڏهن ته باقي ملازم جسماني طور تي آفيس   ۾ موجود هوندا آهن پر ان جو ڌيان ڪم تي  نه هوندو آهي جنهن  سبب ڪمپني جا ساليانو 9 ڏينهن ضايع ٿي ويندا آهن.