صدر ڊونلڊ ٽرمپ جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي پڪ ڏياري ڇڏي

news

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته صدر ٽرمپ سان تمام سٺي ماحول ۾ ملاقات ٿي، ايف اي ٽي ايف جو معاملو کنيو ۽ ٽرمپ سان تعاون جي ڳالهه ڪئي، وزيراعظم صدر ٽرمپ کي سفري هدايتون نرم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪي واپاري وفد پاڪستان ايندو.
شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم ڪشمير جي صورتحال ٽرمپ جي سامهون رکي، صدر ٽرمپ ڪشمير مسئلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن يقين ڏياريو ته ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهه ڪندس، آمريڪي صدر کي ايران جي معاملي تي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، صدر ٽرمپ سان افغان امن عمل کي اڳيان وڌائڻ تي ڳالهه ٿي، ٽرمپ چيو ته هو عمران خان کي پسند ۽ ان تي اعتماد ڪري ٿو.