دوڙ ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار فوت

news

دوڙ(رپورٽ: بابر وساڻ) دوڙ ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرساءيڪل سوار فوت خبر موجب مھراڻ ھاء وي ريلوي فلائي اوور وٽ تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ واحد بخش مري جو رھواسي47 سالن  جو سنجر خان مري ٽرڪ ھيٺان اچي فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي دوڙ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ لاش کي دوڙ اسپتال کڻائي آئي جتي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو.

آخري اطلاعن تائين تي واقعي جو ڪو بہ ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو آھي.