گولاڙچي ويجهو تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا فوت

news

گولاڙچي: گولاڙچي ويجهو بچل واٽر وٽ خوفناڪ حادثو، تيز رفتار ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، ڊرائيور فرار،

ڊمپر کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڪراچي بدين قومي شاهراهه تي گولاڙچي کان 7 ڪلوميٽر پري بچل واٽر وٽ تيز رفتار ڊمپر سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل تي چڙهي ويو،

جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، اطلاع تي گولاڙچي پوليس ۽ ايمبولينس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل جي لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال پهچايو،

زخمي ٿيل رستي ۾ زخمن جا سور نه سگهندي فوت ٿي ويو، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ پپو پنجابي ملاح طور ٿي، جڏهن ته ٻئي زخمي هجڻ بعد فوت ٿيل جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي،

گولاڙچي پوليس ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته فوت ٿيندڙ ٻئي ڄڻا کهور واهه جي علائقي گونگهڙو سم نالي جا رهائشي آهن.