پاڪ ڀارت جنگ جو هن وقت ڪو به خطرو ناهي: وزيراعظم عمران خان

news

ڊيووس: وزيراعظم عمران خان ڊيووس ۾ عالمي ميڊيا ڪائونسل کي خطاب ۾ چيو آهي ته فوري طور ڀارت سان جنگ جو ڪو به خطرو ناهي، اسان پرامن طريقي سان تڪرارن جو حل چاهيون ٿا.
هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي اڳوڻين حڪومتن آمريڪا سان واعدا ڪري غلطي ڪئي، جڏهن ته هاڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلقات وڌيڪ بهتر ٿي رهيا آهن. اسان آمريڪا سان واپاري تعلقاتن کي وسعت ڏيڻ چاهيون ٿا.
وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان افغانستان جي صورتحال کان متاثر ٿيندو آهي. افغانستان ۾ امن هوندو ته وچ ايشيا تائين واپار ممڪن ٿيندو. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جا سرحدي علائقا متاثر ٿيا. اسان جي حڪومت انهن علائقن ۾ بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
هن چيو ته آمريڪا کي افغانستان ۾ ناڪامي پلئه پئي ته ان پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو. آمريڪا سمجهي رهيو هو ته افغان مسئلي جو حل طاقت جو استعمال آهي پر مون هميشه طاقت جي استعمال جي مخالفت ڪئي. منهنجي موقف سبب مون کي طالبان جو حامي چيو ويو. آخرڪار آمريڪا کي افغان مسئلي تي ڳالهين جو رستو ڪڍڻو پيو.
عمران خان جو چوڻ هو ته مون کي خبر هئي ته ڀارت سان تعلقات ڪئين بهتر ڪري سگهجن ٿا، ڇو ته منهنجا سڀ کان وڌيڪ دوست اتي آهن، ان لاءِ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان رابطو ڪيو پر هن منهنجي آڇ جو هاڪاري جواب نه ڏنو.
وزيراعظم ٻڌايو ته پلواما حملي کانپوءِ مون چيو ته ثبوت ڏيو ته ڪارروائي ڪنداسين پر ڀارت ثبوت ڏيڻ بدران بمباري ڪري ڏني، ان کانپوءِ ڀارت سان معاملا وڌيڪ خراب ٿيا ۽ ڇڪتاڻ وڌي وئي. مودي جي غلط پاليسين سان حالتون خراب ٿينديون ويون. هاڻ پلواما جهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ جو کُٽڪو آهي.
هن چيو ته مون کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سخت ڳڻتي آهي. مودي سرڪار 80 لک ڪشميرين کي لاڪ ڊائون ۾ رکيو ويٺي آهي. مودي حڪومت آر ايس ايس جي نظريي تي هلي رهي آهي. هن چونڊ مهم پاڪستان سان نفرت جي بنياد تي هلائي.
وزيراعظم جو چوڻ هوته ڀارت ۾ شديد احتجاج ٿي رهيو آهي، حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. ڀارت دنيا جي توجهه هٽائڻ لاءِ ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. گڏيل قومون ايل او سي تي پنهنجا مبصر ڇو نٿو موڪلي؟
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان کي آمريڪا ۽ ڀارت جي تعلقاتن کان ڪو به مطلب ناهي، آمريڪي صدر سان والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهه ٿي. فوري طور پاڪ ڀارت جنگ جو خطرو ناهي، جڏهن ته کُٽڪو لڳو پيو آهي ته ڀارت پلواما جهڙو حملو ڪري پاڪستان کي ذميوار قرار ڏئي سگهي ٿو.
هن چيو ته هڪ ارب 30 ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ انتهاپسندن جي هٿن ۾ آهي. ڀارت ۾ شهريت واري قانون سان حالتون خراب ٿي رهيون آهن. ايل او سي تي ڇڪتاڻ ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. آمريڪا ۽ گڏيل قومن کي ڪشمير مسئلي جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.