ڪڻڪ بحران جو اصل ذميوار ڪير؟ وزيراعظم پاران جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت

news

اسلام آباد: ڪڻڪ بحران تي وزيراعظم عمران خان جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب ڪڻڪ بحران تي وزيراعظم عمران خان جاچ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڏني آهي، جيڪا هاڻوڪي ڪڻڪ بحران جي جاچ ڪندي. جاچ ڪميٽي ڪڻڪ بحران جي اصل ذميوارن جو تعين به ڪندي.
ذريعن موجب ڪميٽي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي هاڻوڪن ذخيرن ۽ مستقبل جي لاءِ سفارشون به ترتيب ڏيندي. جڏهن ته ڪڻڪ جي درآمد متعلق ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلو جو جائزو به وٺندي.