حيدرآباد ۾ صحافين کي ڊجيٽل ميڊيا ۽ استعمال جي حوالي سان ٽريننگ ڪرائي وئي

news

حيدرآباد (پ ر) حيدرآباد ۾ صحافين کي ڊجيٽل ميڊيا ۽ ان جي استعمال جي حوالي سان هڪ ڏينهن واري ٽريننگ ڪرائي وئي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي درست استعمال جي طريقيڪار بابت سکيا ڏني وئي.

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ نيبر هوڊ فار ميڊيا انوويشن(جي اين ايم آئي) پاران ڊجيٽل ميڊيا جي استعمال جي حوالي سان فيلڊ دوران صحافين کي جديد تربيت فراهم ڪئي وئي ۽ کين اهڙا گُر سيکاريا ويا جيڪي فيلڊ ۾ صحافين لاءِ مددگار ثابت ٿيندا،

ٽريننگ ۾ صحافين انٽرويو پروڊڪشن جا تجربا به ڪيا، جنهن ۾ صنفي امتياز ۽ تشدد جي حوالي سان مسئلا بحث هيٺ آيا.

ان دوران صحافين کي سکيا ڏيندڙ ملڪ جي نامياري صحافي ۽ جي اين ايم آئي جي صدر ناجيه اشعر جو چوڻ هو ته ايندڙ وقت ڊجيٽل ميڊيا جو آهي، جنهن لاءِ آگاهي ڏيڻ انتهائي لازمي آهي،

صحافين کي ڊجيٽل ميڊيا تي اهڙا عوامي مسئلا، اسٽوريز ۽ انٽرويو ڪرڻ گهرجي جيڪي انٽرنيٽ تي ڏسندڙن جي توجهه جو مرڪز هجن.

ٽريننگ جي پڄاڻي تي حصو وٺندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جڏهن ته حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون ۽ جنرل سيڪريٽري محمد حسين خان کي شيلڊ ڏني وئي.