پوئين سال پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽجڻ بجاءِ وڌي آهي: ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل

news

اسلام آباد: بين الاقوامي اداري ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 2019ع ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن گٽجڻ بجاءِ وڌي آهي ۽ 10 سالن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جو اسڪور وڌڻ بجاءِ گهٽيو آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 2019 جي ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس سي پي آءِ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن موجب 2019 ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو ۽ پاڪستان  عالمي سطح تي ڪرپشن جي حوالي سان هڪ ڏاڪو وڌيو آهي. رپورٽ موجب پاڪستان جو سي پي آءِ انڊيڪس ۾ اسڪور 33  کان گهٽجي 32 ٿي ويو.

نيب جي موجوده چيئرمين جاويد اقبال جي زير قيادت قومي احستاب بيورو نيب جي ڪارڪردگي بهتر رهي. نيب پاڪستان بدعنوان ماڻهن کان 153 ارب روپيا ڪڍيا، جنهن جي باوجود ڪرپشن موجب انڊيڪس ۾ پاڪستان اڳيان وڌڻ بجاءِ پوئتي ٿي ويو. 10

سالن جي  ڀيٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪرپشن انڊيڪس ۾ پوئتي ويو آهي. سي پي آءِ رپورٽ موجب پاڪستان کان علاوه ٻين ملن ۾ به گذريل سال ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ عالمي  درجا بندي ۾ انهن ملڪن جو اسڪور تمام گهڻو گهٽيو آهي. ڪينيڊا جو 4  درجي کان پوءِ اسڪور 81 مان 77 ٿي ويو. گذريل سال فرانس ۾ به ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو. فرانس جواسڪور 3 درجي کان پوءِ 72 کان 69 ٿي ويو.

ڊينمارڪ ۽ نيوزلينڊ دنيا جي 180 ملڪن مان سڀ کان گهٽ ڪرپٽ ملڪ قرار ڏنا ويا. جڏهن ته پهرين نمبر تي ايندڙ ملڪ ڊينمارڪ به هڪ درجو ڪرڻ سبب سندس اسڪور 88  مان 87 ٿي ويو.

ان کان علاوه گهٽ ڪرپٽ ملڪن ۾ فن لينڊ ٽئين نمبر جڏهن ته سنگاپور چوٿين نمبر، سويڊن پنجين، جرمني نائين، برطانيا 15 هين ۽ آمريڪا 24 هين نمبر تي، جڏهن ته گهٽ ڪرپٽ ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان جو 120 هون نمبر آهي.