صوبي ۾ اهو ئي پوليس آفيسر رهندو، جيڪو اسان جي پاليسي تي هلندو: مراد علي شاهه

news

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس ڪليم امام تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري چڪي آهي، ان لاءِ هن کي ان عهدي تي رهڻ جو حق ناهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ميمبر خرم شير زمان جي طرفان آءِ جي سنڌ جي تبديلي متعلق توجهه ڏياريو نوٽيس تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڏمرجي پيو.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ڪجهه وقت پهرين هڪ دهشتگرد وٽ اخباري نمائندي کي پهچ ڏني وئي، جنهن جو مقصد مون کي بدنام ڪرڻ هو.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته پوليس ۾ ڪجهه ڪاريون رڍون به آهن، مون وٽ آڪٽوبر ۾ هڪ ٽپال آئي ته پوليس اسان جي خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهيا ويا، مون هڪ سٺي آفيسر کان انڪوائري ڪرائي پر اها انڪوائري رپورٽ اڄ تائين مون کي ناهي ملي، ڇو ته اها رپورٽ آءِ جي دٻائي ڇڏي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان آءِ جي پوليس کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ان قابل ناهي ته ان کي سنڌ ۾ وڌيڪ رکيو وڃي.
مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته آءِ جي کي تبديل ڪرڻ وارو معاملو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ آهي، اسان آئين ۽ قانون موجب هلنداسين ۽ اسان کي پنهنجي ٽيم چونڊڻ جو حق آهي، صوبي ۾ اهو ئي آفيسر رهندو جيڪو اسان جي پاليسي تي هلندو، ان صوبي جي ماڻهن پيپلزپارٽي کي چونڊيو آهي.
آءِ جي سنڌ جي حوالي سان هن وڌيڪ چيو ته هو هاڻ هڪ پارٽي بڻجي چڪو آهي، هو اپوزيشن جي ميمبرن سان رابطو ڪندو رهيو آهي، اسان آفيسرن کي سياست ۾ حصو وٺڻ نه ڏينداسين.
هن ٻڌايو ته مون کي ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم ڏيهه ايندي ئي فيصلو ڪندو ۽ آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪيو ويندو.