سڪرنڊ ۾ مهينو اڳ قتل ٿيل ناري جي پوسٽ مارٽم لاءِ درخواست تي عدالت پاران قبرڪشائي جو حڪم

news

سڪرنڊ : سڪرنڊ جي پاڙي حسين آباد ڪالونيءَ ۾ هڪ مهينو اڳ ٽن ٻارن جي ماءُ نوجوان ناري نرگس جٽ زال سهيل راول جيڪا گولي لڳائي قتل ڪئي وئي هئي.

جنهن جي شڪ ۾ سڪرنڊ پوليس ناريءَ جي مڙس سهيل راول کي قتل جي الزام ۾ گرفتار پڻ ڪيو هو جنهن جي سرڪاري پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

هوڏانهن لاش بنا پوسٽ مارٽم دفائڻ تي مقتول ناريءَ جي والد رئيس احمد جٽ جي درخواست تي ايڊوڪيٽ عمران اڪبر رند پاران سيشن ڪورٽ نوابشاھ کي ڪيس کي ٻيهر داخل ڪرڻ ۽ پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي درخواست ڏني.

جنهن بعد سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي حڪم تي پراسرار فوت ٿيڻ جو نوٽيس وٺندي قبرڪشائي جو حڪم ڏنو ويو ان عدالتي حڪم بعد سڪرنڊ جي شھيد جيئوجنگ قبرستان ۾ دفن ڪيل نرگس جٽ جي قبر ڪشائي لاء سڪرنڊ سول جج غلام فيض ساجد جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس سرجن نوابشاھ ڊاڪٽرذولفقار شاهاڻي ، ڊاڪٽر يار علي جمالي ، ڊاڪٽر سلطان راڄپر ۽ ڊاڪٽر نسرين بيگم جي پوري ٽيم سڪرنڊ پوليس ۽  سينٽري عملي و قبرستان پھچي پراسرار فوت ٿيل ناري نرگس جٽ جي قبرڪشائي ڪري لاش جا جزا حاصل ڪيا ويا.

ان موقعي تي قبرستان ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا قبر ڪشائي بعد درخواست گذار وڪيل عمران اڪبر رند ميڊيا سان ڳالهائيبدي چيو ته قتل جو ڪيس پوليس داخل ڪيو هو.

جنهن ۾ گوليءَ جو ذڪر ناهي نڪو گولي لاش مان ڪڍي وئي هئي جنهن سان ڪيس ڪمزور ۽ٻقاتل کي رعايت ملي سگهي ٿي.

ان ڪري قبر ڪشائي ڪرائي وئي آهي ته جيئن لاش مان گولي ڪڍي معاملي جي صحيح طريقي سان جاچ ڪري سگهجي.