جيڪب آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ وارو مامرو، عورت عدالت ۾ پيش، پيءُ حوالي

news

جيڪب آباد: جيڪب آباد ۾ ٻه ڏينهن اڳ ڏير پاران ڪارنھن الزام هيٺ ڀاڄائي کي گھٽا ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو مامرو، پوليس پاران عورت عدالت ۾ پيش پيءُ حوالي.

خبر موجب جيڪب آباد ڀرسان دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد بنگلاڻي ۾ ٻهڏينهن اڳ جوابدار ظفر الله بنگلاڻي ھٿان قتل کان بچي ويل عورت انيلا کي حد جي پوليس فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ اعجاز علي لاکير جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت آڏو عورت بيان رڪارڊڪرائيندي چيو آهي ته آئون پنهنجي پيءُ سان رھڻ چاهيان ٿي مون کي ان مان ڪوبه خطرو ناهي عورت جي اھڙي بيان بعد عدالت اسٽامپ پيپر تي 10 لک روپيا ضمانت عيوض عورت انيلا کي پيءُ سوڍو خان بنگلاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته پوليس کي تحفظ سان ڳوٺ پھچائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڀاڄائي انيلا کي گھٽاڏئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار ظفر الله بنگلاڻي جي پوليس اڃا تائين گرفتاري ظاهر نه ڪئي آهي ان حوالي سان دلمراد ٿاڻي جي منشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار کي (اڄ) لاڳاپيل ڪورٽ ۾ ريمانڊ وٺڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو.